آر اي ڪارسن

آر. اي. ڪارسن: 1913ع ۾ آشبرٽن، نيوزيلينڊ ۾ جنم وٺندڙ آر. اي ڪارسن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ورتي ۽ ڪينٽبري ڪاليج مان لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ بيچلر ۽ آرٽس ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ’اينجليڪن بورڊ آف ٿيولاجيڪل اسٽڊيز، نيوزيلينڊ‘ مان ’لائسنشيئٽ آف ٿيولاجي‘ ۾ ڊپلوما ڪئي. 1940ع ۾ ڪراچي اچڻ بعد ٻه سال هڪ ٽيوٽر کان سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ورتي. چرچ مشنري سوسائٽي ۾ شموليت کان اڳ ٽن سالن تائين ’ائنگليڪن چرچ‘ ۾ پادري رهيو. ڪراچي ۾ سندس واسطو ’چرچ مشنري سوسائٽي‘ سان رهيو، جتي ڪيترا سال مختلف حيثيتن سان گڏ ’سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘ جو سيڪريٽري به ٿي رهيو. ان کانسواءِ ’چرچ مشن پريس‘ جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان هن سوسائٽي پاران ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا. سنڌيءَ ۾ لکيل سندس هڪ ڪتاب ’خدا جو ڪٽنب‘ ’سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي‘ طرفان سندن پريس ۾ شايع ٿيو. سترنھن سال سنڌ ۾ رهڻ بعد (ورهاڱي کانپوءِ) 1957ع ۾ مستقل طور نيوزيلينڊ هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو